اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چ??ن جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو مستقبل انتهائي روشن آهي، صدر شي جي عالمگير ترقي جي نظريي جي دنيا ??عترف آهي، صدر شي سدائين انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. نئون سال شروع ٿيڻ تي چائنا ريديو انٽرنيشنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ عوامي جمهوريه چ??ن جي عوام کي نئين سال تي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چ??ن جا لاڳاپا سدائين سدابهار رهيا آهن، ڪا به حڪومت يا ??وسم هجي، چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ سدائين بهار رهي آهي ۽ رهندي. هن چيو ته عوامي جمهوريه چ??ن جي صدر شي جن پنگ جي نئين سال جي پيغام جي آجيان ڪريان ٿو ته هن انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. هن چيو ته جڏهن کان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي شروعات ٿي پاڪستان ۽ چ??ن جا لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ واپار کي فروغ مليو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي عوامي جمهوريه چين ۽ چ??ن جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي ترقي جو نظريو ڪنهن جزيري جي ترقي نه پر هڪ عالمگيريت تي ٻڌل نظريو آهي ته ڪو مل?? باقي دنيا کان جدا رهي ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو هڪ ملڪ امير ٿي وڃي ۽ باقي دنيا اسرندڙ رهي، ترقي هڪ ٻئي سان گڏجي ئي ممڪن آهي. هن چيو ته ترقي جا ثمر ۽ فائدا تڏهن ئي پهچن ٿا جڏهن ترقي محدود نه رهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چ??ن جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ترقي جي هڪ نئين نظريي کي جنم ڏنو آهي جنهن جي دنيا ??اڻي قدر ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگران وفاقي وزير چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ عوامي جمهوريه چ??ن جو نظريو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ قبول ڪيو آهي، آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن سان چ??ن جو تعاون جاري آهي، اسان جي خطي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به عالمگيريت تي ٻڌل ترقي جي اهو نظريو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته وچ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ اڳ ۾ ئي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي منصوبن تي عمل ڪري رهيا آهن جڏهن ته يورپ جي اندر به ان جي قبوليت ٿي رهي آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ صدر شي جن پنگ جو عالمگيريت تي ٻڌل نظريو وڌيڪ وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي جڏهن شروعات ٿي ته وڌيڪ ڌيان توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي هو، هن وقت سي پيڪ تحت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، ايگرو بيسڊ انڊسٽري ۽ ٽوئرازم جي شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي، تعاون جا نوان رستا کلندا پيا ??ڃن. هڪ سوال تي هن چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هزارين پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون چ??ن جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو پنهنجا تجربا گڏ آڻيندا. هن چيو ته ريديو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل جي وچ ۾ تعاون جي نتيجي ۾ اسان جا پروفيشنلز چين ويا ته انهن خوشگوار تجربا پاڻ سان گڏ آندا. هن چيو ته پاڪ چين دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي. هن چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو مستقبل تمام روشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ تحت ٿيندڙ ترقي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آندي آهي، ميڊيا ان ڏس ۾ ماڻهن جي زندگين تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي سامهون آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.