اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور ۾ جيل ويا، انهن جي خلاف ڪيسن جي سڀني کي خبر آهي، جيترو پئسو ۽ جيتريون ملڪيتون نواز شريف ۽ سندس خاندان وارن ٺاهيون آهن ان جو ڪو مثال پاڪستان جي تاريخ ?? نه ٿو ملي. اه??ن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي نيوز ڪانفرنس تي مختلف نقطن تي تفصيلي ردعمل ڏيندي ڪيو. هن چيو ت?? شهباز شريف پنهنجي نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ت?? تاريخ ?? ايتري گهٽ وقت ۾ ايتريون پيشيون ناهن ڀوڳيون ته آئون کيس ٻڌا??ين??و هلان ته تاريخ ?? ايتري گهٽ وقت ۾ ايترو پئسو به ڪنهن ناهي ٺاهيو جيترو پئسو ۽ جيتريون ملڪيتون نواز شريف ۽ سندس خاندان ٺاهيون آهن.