اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسلام آباد جي سمورن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وفاقي نظامت تعليمات (ايف ڊي اي) اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت ۽ سارسنڀال جي سمورين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن، هن اها ڳالهه ڊائريڪٽرز اسڪولز اينڊ ڪاليجز ايف ڊي اي س??ن ملاقات دوران ڪئي. مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي ڪلاس 4 جي 32 خالي آسامين کي پورو ڪرڻ جو ح??م ڏنو. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي س??رسنڀال کي يقيني بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورين سيٽن تي فورن ڀرتيون ڪيون وڃن. هن ايف ڊي اي کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو اسلام آباد ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت ۽ سارسنڀال جي سمورين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن. هن چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ايف ڊي اي کي فنڊز فراهم ڪيا وڃن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد جي تعليمي ادارن کي بنيادي سهولتون ميسر ٿين. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??ين??ينن جا اوچتا دؤرا ڪيا جن کي مون ??نت??ائي غير صحت بخش ڏٺو. هن ايف ڊي اي کي هدايت ڪئي ته سمورين ??ين??ينن جي کاڌي جي معيار جو آڊٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن کاڌي ۾ معيار مناسب نه هجي ته ان جي ليز رد ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ويزن آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته اسلام آباد جي سمورن تعليمي ادارن کي ان جي حڪومتي دؤر ۾ مناسب ۽ فعال بنيادي سهولتن ميسر ٿين.