اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اي?? زيڊ سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنج?? تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دل?? تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اي?? زيڊ سهيل جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پي ٽي وي جو اثاثو هو. هن چيو ته مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي سان اٽڪل 4 ڏهاڪن تائين سلهاڙيل رهيو. هن چيو ته مرحوم جون پي ٽي وي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ ا??لي?? مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا ??رمائي.