اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو آهي جنهن موجب اليڪشن ڪميشن کي نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪر?? جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان ??ياس آرائيون ختم ٿيڻ گهرجن ڇو ته اهي مقرر قانون موجب ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته اسان ??گران حڪومت جي مدي کي ڊيگهه ڏي?? جو ڪو ارادو نه ٿا رکون. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي شاگرد جي حيثين سان ??و مسلم اقليت جي حقن جي تحفظ ۽ ان کي اڪثريت سان ڏاڍ کان بچائڻ تي قائداعظم جا ٿورا مڃيندو، جيڪڏهن قائداعظم مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ قائم نه ڪري ها ته مسلمانن جي مذهبي ۽ ثقافتي تشخص جو تحفظ مشڪل ٿي وڃي ها. هن چيو ته هو قائداعظم جي آئين پسندي، برابري ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کيس ساراهي ٿو. نگران ??زيراعظم يقين ڏياريو ته اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي جاري رهندي ۽ رياست جي رٽ قائم ڪئي ويندي، اسان اهي قدم ان ??اءِ کڻي رهيا آهيون ته جيئن نئين حڪومت پنهنجي مينڊيٽ سان عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجو آساني سان جاري رکي سگهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي ۾ موجوده عسڪري قيادت شامل آهي، اهڙي طرح ڪائونسل هڪ مضبوط آئيني ۽ قانوني ادارو آهي جيڪا ٺوس قدمن ۽ فيصلن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. هن چيو ته نگران ??فاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن هئي جيڪا فيصلن تي عملدرآمد مددگار ثابت ٿي. هن چيو ته ايس آئي ايف سي اقتصادي بحالي جي لاءِ زراعت ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته سيڙپڪاري جي وڏن منصوبن تي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اهي ترقي جي مرحلي تي پهچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جا افغانستان سان گ??ڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ ان سان ??اپار، دهشتگردي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي معاملن تي باقاعده ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ڌريون ان احساس سان ڳالهه ڪري رهيون هيون ته پاڙيسرين کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن باب?? پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رياست دهشتگردن جي خلاف پنهنجي مضبوطي جو مظاهرو ڪندي ڇو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن کي تشدد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي. 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان ??ن چيو ته شرپسندن ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جو سهارو ورتو ۽ ان ??وري واقعي کي مقامي ۽ عالمي ميڊيا رپورٽ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊيو ۽ جڏهن هو پاڪستان ايندو ته ان سان ??لڪي قانون موجب سلوڪ ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته ان جو سياسي پارٽين جي قيادت سان ??لاقاتون شروع ڪر?? جو ڪو ارادو نه آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي باب?? پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، چين دنيا جي سڀ کان ??ڏي معيشت بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ??ڪ ارب کان ??ڌيڪ آبادي واري براعظم سان ??نهنجي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ”لُڪ آفريقا“ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گڏيل اتفاق راءِ سان طئي ٿيل وقت تي پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي جسم ۽ روح جو حصو آهي ۽ ڪشميرين پاڻ کي پاڪستان سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. نگران ??زيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ سميت راندين تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت سان ڪرڪيٽ بابت مسئلا رڳو ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن کي اٿارڻ گهرجن، اسان ??اڪستان کي راندين جي لاءِ محفوظ ملڪ بڻائي رهيا آهيون پر اسان ڪنهن ملڪ کي پاڪستان ۾ کيڏڻ تي مجبور نه ٿا ڪري سگهون. نگران ??زيراعظم چيو ته هن ڪوئيٽا جي دوري دوران ??ونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ??لاقات ڪئي ۽ هاڻي هو هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن سان ??لاقات ڪندو ته جيئن تعليم جي شعبي کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهجي. هن چيو ته حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي معاملي تي جلد فيصلو ڪندي.