اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي صنعتي ۽ واپ??ري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي جي ميئر ??رت??يٰ وهاب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي جي ميئر وزيراعظم کي ڪراچي جي انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي صنعتي ۽ واپ??ري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ وفاقي ۽ ص??بائي حڪومتون ڪراچي جي بلديه عظم??ٰ سان ڀرپور تعاون ڪنديون. هن چيو ته بطور نگران وزيراعظم منهنجو پهريون سرڪ??ري دورو ڪراچي جو هو ۽ ان دوري ۾ ڪراچي جي صنعتي ۽ واپ??ري برادري سان ملاقات ۽ انهن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ج??ري ڪرڻ منهنجي اولين ترجيح هئي.