اسلام آباد – 04 آگسٽ(اي پي ??ي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ سادگي واري ??اليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر ايوان کي ٻڌايو ته وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۽ صوبن ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسن ۾ 40 گاڏيون وڌيڪ ناهن ۽ انهن تي خرچن ۾ ب?? ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ته جيئن سادگي واري ??اليسي تحت بچت کي يقيني بڻائي سگهجي.