اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفو?? تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان ??ي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪ?? تي منفي اثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته هن ان موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳا??هه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان قدم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين ??ي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳا??هه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿينديون. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي ايس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ان معاملي ?? گڏيل دلچسپي جي ٻين معامل?? تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.