اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ ي??ڪرين جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يوڪرين جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاق??ت ڪئي. وزيراعظم يوڪرين جي آزادي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ ي??ريشيا جي خطن ۾ سلامتي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يوڪرين جي تڪرار جو عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آه?? جنهن سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. يوڪرين جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يوڪرين جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??ندس ملڪ سدائين تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جو فائدو کنيو آه?? جنهن جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته يوڪرين جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.