اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي شانگلا ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊ سلائيڊنگ جي واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته شانگلا ۾ معصوم جانين جي زيان جي واقعي جي خبر دل کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. مر??ونگ جي المناڪ سانحي ۾ پنهنجي ٻارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار ۽ ريسڪيو ٽيمون مل??ي ۾ ڦاٿل معصوم جانين کي بچائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، اميد آهي ته لينڊ سلائيڊنگ جي مل??ي مان نڪتل زخمي ٻارن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو ويندو. هن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ريسڪيو ٽيمن سان تعاون ڪن، متاثر خاندانن جو ڏک ونڊين.