پيرس ??? 23 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ جرمن چانسلر اولاف شولز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊي اونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ 163 ملين يورو جي معاشي معاونت جي فرا??مي تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. و??ير??عظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 27 ملين يورو جي اضافي رقم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ خوراڪ جي فرا??مي جي لاءِ استعمال ٿي. هن چيو ته جرمني جي ترقي کي سدائين هڪ مثال طور پيش ڪيو آهي، جرمني جهڙي طرح محنت سان پنهنجو مقام ٺاهيو آهي اهو اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهي، ذاتي طور تي جرمني جي ترقي، جرمن قوم جي محنت ۽ عزم کي پسند ڪريان ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته موسمياتي تبديلي سان خطرن ۽ معاشي دٻاءُ جهڙن مسئلن ۾ جرمني اسرندڙ ملڪن جو آواز بڻجندو، اسرندڙ ملڪن مان مالياتي دٻاءُ ۾ گهٽٽائي سان اتان جي عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. و??ير??عظم پاڪستان ۾ جرمن ڪمپنين ۽ اين جي اوز جي خدمتن کي سارهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جرمني ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جرمن چانسلر و??ير??عظم شهباز شريف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن پاڪستانج ي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خ??اه??ن جو پڻ اظهار ڪيو.