اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت ??وس سان رعايتي قيمت تي خام تيل پاڪستان آڻڻ جو واعدو سچ ڪري ڏيکاريو، ??وس مان خام تيل جو سامونڊي جهاز ڪراچي پهچي ويو آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ??وس مان ايندڙ تيل جو پهريون جهاز آهي، ان کي چوندا آهن واعدن کي پور?? ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جا مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت، نيت ۽ عوام جي سچي خدمت. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين وانگر عوام سان ڪيل واعدن کي پور?? ڪري رهيو آهي، الحمدالله هڪ سال جي مخلصاڻي ۽ ديانتدار محنت رنگ آڻي رهي آهي.