اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچ??تا?? جي ترقي پاڪ??تا?? جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچ??تا?? جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچ??تا?? جي شاگر??ن جي شڪايتن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ??ئي. ڪميشن وزيراعظم کي بلوچ??تا?? سان تعلق رکندڙ شاگر??ن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بلوچ شاگر??ن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان رپورٽ انتهائي جامع آهي ۽ انتهائي ايمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآ??د کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته بلوچ شاگر??ن جا مسئلا ۽ شڪايتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بلوچ شاگرد پاڪ??تا?? جو اثاثو آهن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪ??تا?? جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته قومي سياسي قيادت بلوچ??تا?? جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بلوچ??تا?? جا سمورا مسئلا خاص طور تي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري قومي اتحاد ۽ ترقي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته بلوچ??تا?? جي ترقي سان پاڪ??تا?? جي ترقي واڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ته بلوچ??تا?? جي ترقي جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته عورتن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪميشن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ شرڪت ??ئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اع??يٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. بلوچ??تا?? جي شاگر??ن جي شڪايتن جي حوالي سان ان ڪميشن جو قيام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.