اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته اح??جاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص ط??ر تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي موجوده ملڪ?? صورتح??ل تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ ملڪ جي موجوده صورتح??ل تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿينديون، آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.