اسلام آباد ?? 17 ??? جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي چين جي نائب وزيراعظم ليوهي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي اقتصاد?? تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.