اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته حڪومت توانائي جي تحفظ جي لاءِ قابل تجديد توانائي وسيلن تي ڌيان ڏنو آهي، توانائي جي ب??ت جي پلان تي موثر عملدرآمد سان قيمتي وسيلن جي ب??ت ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملن??ي. ??نهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته اتحادي حڪومت قابل تجديد توانائي وسيلن جي ذريعي انرجي مڪس کي متنوع بڻائي رهي آهي جيڪو توانائي جي تحفظ جي لاءِ اهم آهي، مقامي وسيلن تي دارومدار وڌايو ويندو، ان سان عام ماڻهو کي ريليف ملندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي ب??ت ٿين??ي. ??زيراعظم ??يو ته وفاقي ڪابينا توانائي جي تحفظ جي منصوبي تي سنجيدگي سان غور ڪيو آهي، ص??بن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ پلان جي منظوري ڏني ويندي، غيرمعمولي وقت ۾ غيرمعمولي قدمن جي ضرورت آهي، ان جي موثر لاڳو ٿيڻ سان قيمتي وسيلن جي ب??ت ٿيندي ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي.