اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بدعنواني جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي اهو عزم ڪرڻو پوندو ته اسان ان لعنت سان وڙهنداسين، بدعنواني جا وڏا خراب اثر واضح آه?? جن سان معاشرا ڪمزور ??ي وڃن ٿا ۽ اڻ برابري کي فروغ ملي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بدعنواني جا خراب اثر واضح آهن، جن سان معاشرا ڪمزور ??ين ٿا ۽ اڻ برابري کي فروغ ملي ٿو. بدقسمتي سان بدعنواني تي اسان جي سياسي ڳالهه ٻولهه ايتري قدر سياست جو شڪار ٿي وئي آهي جو ان ساک کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي. بدعنواني جي خاتمي جي ڏهاڙي تي اچو ته اهو و??ن ڪريون ته ان لعنت سان گڏجي وڙهنداسين.