مٺي – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪا??ي ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ري??ي ڪڍي وئي. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا، سماجي ڀلائي واري کاتي، تعليم واري کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ساره جاويد جي قيادت ۾ ري??ي ڪشمير چوڪ مٺي کان شروع ٿي پريس ڪلب مٺي تائين پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي مٺي جي مختلف اسڪولن، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٺي، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نارٿ ڪالوني، گورنمينٽ امر جڳديش بوائز هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۽ ٻين اسڪولن به ڪا??ي ڏينهن تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ريليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ شاگردن ۽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بي??ر، جهنڊا ۽ پلي ڪا??ڊز کنيل هئا، جن تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه ر?? آهي، ڪشمير زندهه آباد جا نعرا لکيل هئا.