اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني ??ر پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل ج?? صدر ٿيري فليمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز، پويو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوسيئيشن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئمپس فرانس جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير جي ٿيري فليمن جوٽوٽل گلوبل سروسز جي سي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪست??ن ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حنا رباني ??ر فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اسٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سال ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪستان جي شرڪت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز پويو يونيورسٽ?? جي شاگردن سان ”پاڪست??ن ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيورسٽ?? جي فيڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئمپس فرانس ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪ?? جي نمائندن سان ملاقات ۾ مملڪتي وزير پاڪست??ن ۽ فرانس جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.