اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقب??ل جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران فورم کي ٻوڏ متاثر زرعي ايراضي بابت آگاهه ڪيو ويو. صوبائي سيڪريٽريز زراعت پنهنجي صوبن بابت پلان پيش ڪ??و جنهن تي فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت اسپانسر ڪندي جڏهن ته باقي صوبن طرفان ??را??م ڪيا ويندا. سڀني ضلعن جي ٻج تقسيم ڪندڙ ڪميٽي ضلعي انتظاميا، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي جي عملدارن تي ٻڌل هوندي. فورم کي سيڪريٽري خوراڪ ٻج جي خريداري ۽ ان جي ت??سيم بابت آگاهه ڪيو. فورم کي ماڊل وليجز بابت ٻڌايو ويو جتي گهرن سان گڏ مسجد، بنيادي صحت جي يونٽ ۽ ٻين سهولتن جي ??را??مي ٿيندي. فورم کي ماڊل هائوسز جي رهائشي يونٽ جي لي آئوٽ آپشنز ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ جاءِ تي به اتفاق ڪيو ويو.