اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شه??دت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شه??دت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ميجر خرم شه??اد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران ??ان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب جي گهروارن سان ??عزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اهي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.