اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پ??ڻي لهي چڪو آهي، انڊس هاءِ وي اين – 55 جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ وارو پ??ڻي بيٺل آهي باقي سمورا وڏا رستا ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحال?? جي موجوده صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم کي متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي، خاص طور تي بجلي، پيٽرول ۽ مواصلات جي نظام جي بحالي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري ??هي، بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس هدايت موجب وزارت جا سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري ??جل?? جي فراهمي ۾ ايندڙ تعطل کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري ??هيا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 07 کانسواءِ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پ??ڻي لهي چڪو آهي. انهن فيڊرز ۾ 04 پنجاب، 22 خيبرپختونخواهه، 90 سنڌ ۽ 20 بلوچستان ۾ آهن. اين ايڇ ا?? جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي اين – 55 جا ڪجهه علائقا جتي اڃا تائين ٻوڏ وارو پ??ڻي بيٺل آهي کانسواءِ سمورا وڏا رستا جن ۾ اين – 5 جي ٽي روڊ ۽ اين – 65 سکر کان ڪوئيٽا روڊ شامل آهن ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي جون ٽيمون فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻ?? جي ڪري ??ستن تي پيل گهاري ڀرڻ جو ڪم وڏي تيزي سان جاري ??کيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ جي سمورين 51733 موبائيل ڪميونيڪشن سائيٽس مان رڳو 648 سائيٽس ٻوڏ واري پاڻ?? جي بيهڻ جي ڪري هيستائين بحال ناهن ٿي سگهيون، جيڪي انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي وينديون. وزيراعظم ريليف ۽ ريسڪيو ۾ سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ هم وطنن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ ۾ وڌيڪ ??حن?? ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.