اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترق?? ۽ ??ڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻيون، حڪومتي وقت سر قدمن س??ن جاني نقصانن جي شدت تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلڊ رليف سينٽر اين ڊي ايم اي ۾ ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي، ترق?? ۽ ??ڌارن واري وفاقي وزير ۽ فيڊرل رليف ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هئي. وفاقي وزير ترڪيه وفد کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال 500 سيڪڙو اضافي برساتون ٿيون، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري گهٽ برساتن وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ ملڪ کي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي ته هنن مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ٻوڏ واري صورتحال کان ترڪيه وفد کي آگاهه ڪندي احسن اقبال چيو ته هن وقت پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت متاثرن جي آبادڪار?? ۽ ??نفراسٽرڪچر جي بحالي آهي، ان موقعي تي ترڪي طرفان آبادڪار?? ۽ ??ذائي جنسون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.