اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ??عليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪندي 200 يونٽن وارن صارفين جي بلن کي 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي جي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ ??عليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران بجلي صارفين جي لاءِ ??يليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک صارفين کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏنل ريليف تحت بلن جي تصحيح جاري آهي. وزيراعظم ريليف جي قدمن کيتي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي صارفين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ ??عليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن بجلي صارفين جي بلن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ صارفين جي بلن کي گهٽ ڪيو وڃي. بجلي جي بلن جي تصحيح جي لاءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تصحيح لاءِ ??ملي جون موڪلون ختم ڪري ان ڪم کي فوري اڪلائي ??ون کي رپورٽ پيش ڪئي ??ڃي. بل جمع ڪرائڻ جي لاءِ ??ئنڪن کي اڳئين ڏينهن ??ه کليل رهڻ جي هدايت ڪئي ??ڃي.