ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن سميت سمورن ضلعن ۽ ڊويزن هيڊڪوارٽرز ۾ جشن آزادي جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. ڪوئيٽا، ڊيره مراد جمالي، جعفر آباد، جهل مگسي، سبي، ڪوهلو، ڊيره بگٽي، ڊي??ه الهه يار، اوستا محمد، تربت، گوادر، زوب، قلعه عبدالل??، چمن، حب، خضدار، سوراب، مڪران، ڪڇي، ڍاڍڙ، صحبت پور، هرنائي، زيارت، پشين، گلستان، خا??وزئي، هنه اوڊڪ، دشت سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ڪيون ويون جتي شرڪت ڪندڙن آزادي جي ڏه??ڙي جي موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.