پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ مت??ثرين سان گڏ بيٺل آَهي ۽ آخري مت??ثر شخص جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين ڪوششون جاري رکندي. هتي ميران ڊ??ره اسماعيل خان ۾ ٻوڏ مت??ثرين کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙ هر هڪ وارث کي 10 لک رپين جي امداد ??راهم ڪري رهي آهي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت 8 لک رپيا فراهم ڪري رهي آهي. تباهه ٿيندڙ هر گهر جي لاءِ 5 لک رپيا ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيندڙ گهر جي لاءِ اڍائي لک رپيا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن ٻوڏ مت??ثرين کي پنهنجي گهرن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته معاوضي جي رقم فوتي جي زندگي جو مت??ادل نه آهي پر ان جي پونئيرن جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انهن کي مالي امداد ??راهم ڪرڻ آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻوڏ مت??ثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، بلوچستان ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ مت??ثر صوبو آهي جتي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر فوت ٿيندڙ جي وارث کي 10، 10 لک رپيا معاوضو فراهم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي حڪومتن ۽ ٻي?? لاڳاپيل ڌرين جي مدد سان هڪ گڏيل سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن چوپائي مال، فصلن ۽ ٻين ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو اندازو لڳائي سگهجي. سروي سان ٻوڏ کان مت??ثر سمورن مستحق ماڻهن کي معاوضو فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ٻوڏ خاص طور تي بلوچستان ۾ مواصلاتي انفراسٽرڪچر بشمول پلين کي پڻ مت??ثر ڪيو آهي جن جي نئين سر تعمير جي لاءِ سروي پڻ ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ تي ڪا سياست نه ڪئي ويندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ٻوڏ مت??ثرين جي امداد ??اءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. ان کان اڳ وزيراعظم کي اين ڊ?? ايم اي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امدادي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني. اين ڊ?? ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته تازي طوفاني برساتن ملڪ ۾ 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي جنهن سان سڀ کان وڌيڪ بلوچستان مت??ثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آرمي، فرنٽيئر ڪراپس، سول ايڊمنسٽريشن ۽ ٻي?? لاڳاپيل کاتن اين ڊ?? ايم اي کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو آهي جنهن ڊ?? آءِ خان ۽ ٽانڪ ضلعي سميت خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ مت??ثرين جي فوري مدد ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته تازي ٻوڏ سبب ڊي آءِ خان جو سڀ کان وڌيڪ مت??ثر ميران جو علائقو آهي ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي سروي جاري آهي جتي ٻوڏ سبب ڪا به فوتگي ناهي ٿي جڏهن ته 293 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 1720 ايڪڙ تي فصلون مت??ثر ٿيون. بعد ۾ وزيراعظم ٻوڏ مت??ثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ وزيراعظم ٽانڪ ضلعي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو جتي هن مت??ثرين سان ملاقات ڪئي. کيس ٽانڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم سان گڏ پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، وزيراعظم جو سياسي ۽ عوامي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، پي ايم ايل اين ۽ جي يو آءِ ايف جي قيادت پڻ موجود هئي.