اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي نوجوانن کي جديد تعليم سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ مڪمل انسان جي لاءِ تعليم سان گڏ تربيت به ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي 26 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽيون ۽ معاشرو اخلاقيات ۽ قدرن تي خاص ڌيان ڏي، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته زماني ۾ تيزي سان رونما ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي مدد سان علم تائين پهچ وڌي چڪي آهي. هن چيو ته انسان جي تجزيه ڪاري ۽ فيصلاسازي جون صلاحيتون بنيادي اهميت اختيار ڪري ويون آهن. قدرتي وسيلن جي ڀيٽ ۾ انساني ۽ فڪري وسيلن جي اهميت وڌي وئي آهي. صدر ??يو ته موجوده دور ۾ علم ترقي جو واحد رستو آهي، پا??ستان کي هنرمند ۽ تربيت يافته انساني وسيلن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون معياري انساني وسيلن جو وڌيڪ انگ پ??دا ڪن. صدر ??يو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پا??ستان ساليانو اٽڪل 30 هزار شاگرد پ??دا ڪري ٿو، هنرمند نوجوان آن لائين خدمتن جي مدد سان روزگار ڪمائي رهيا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان کي اخلاقيات جي لحاظ کان برتري حاصل آهي. پا??ستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، پا??ستان ۾ زلزلي ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ عو??م وڌي چڙهي فلا??ي ڪمن ۾ حصو وجهي ٿي. صدر ??يو ته قيادت پاران صحيح فيصلاسازي جي ضرورت آهي، فيڪ نيوز ۽ غيبت جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. سر سيد احمد خان، علامه اقبال ۽ قائداعظم اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان مٿي اٿاريو. صدر ??يو ته پا??ستان جي ترقي لاءِ جمهوريت، واپار ۽ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته شاگردن تي معاشري جي ترقي ۽ ڀلائي جي خصوصي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.