اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فر??غ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، پ??ڪس??ان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ ش??ڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، برطانيا سان دوستي تي ????ڪس??ان کي فخر آهي، پ??ڪس??ان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن پ??ڪس??ان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته برطانيا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برطانيا اسان جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي حوالي سان برطانيا اسان جي تمام گهڻي مدد ڪ??ي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ برطانيا ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فر??غ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن سان گذريل هفتي ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فر??غ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برطانيا جو هڪ وفد جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته هو ملڪه برطانيا جي ڊگهي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعاڳو آهي، ملڪه برطانيا نه رڳو برطانيا پر پوري دولت مشترڪه جي لاءِ اتحاد، اميد ۽ تسلسل جي علامت آهي. تقريب کي پ??ڪس??ان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.