اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چ??و آهي ته اسپيڪر جي رولنگ عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيند?? ڪيو، شفقت محمود چيو ??ه عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي ت?? ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪا رولنگ اسپيڪر ڏني اها عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان جي خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، شفقت محمود چيو ته تعليم واري وزار?? مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪ??و آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٿوري پريشاني هئي پر ان کي به ختم ڪيو ويو، مدرسن ۽ اسڪولن جا ٻار هڪ ئي فيلڊ ۾ اچي رهيا آهن، تعليمي ادارن جي ٻارن کي چوندس ته هو پڙهائي تي ڌيان ڏين.