اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي وسيع معاملن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي، رابطن، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ت??او?? کي فروغ ڏيڻ جي خواهش کي ورجايو. هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي فريم ورڪ جي اندر وچ ايشيا سان رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي وضاحت ڪ??ي. صدر عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي ازبڪستان ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان علائقائي انضمام ۽ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽرانس افغان ريلوي اهڙو ئي هڪ منصوبو هوندو جنهن سان زميني رابطو مضبوط ٿيندو. هن سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي رابطن جي لاءِ هوائي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻن??ي صدرن نوجوانن جي وچ ۾ ت??او?? وڌائڻ ۽ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام زميني رابطن جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پرامن افغانستان خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندو. صدر عارف علوي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ايندڙ قدمن تي گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن/ معاهدن کي ساراهيو. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جون نيون راهون کلنديون. ٻن??ي اڳواڻن تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاع ۾ ت??او?? تي اڳڀرائي ۽ هر سطح تي اقتصادي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻن??ي صدرن گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ازبڪ صدر کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو.