اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان نسل ۾ اعليٰ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن کي جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻو آهي، اهڙن مضمونن جي ??اءِ وظيفا ڏنا آهن جن سان ملڪي ترقي جو رستو متعين ٿئي، اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽ قائم ڪرڻ سان شاگردن جي اسڪالرشپس بابت شڪايتن جو ازالو ٿيندو ۽ شفافيت ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ جي شاگردن جي ??اءِ اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. و??ير??عطم چيو ته ??ڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ??اگردن کي اسڪالرشپس جاري ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون. 18 هين ترميم کانپوءِ اسڪالرشپس جاري ڪرڻ جا جدا جدا پروگرام هلي رهيا هئا. اسان فيصلو ڪيو ته ??ديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي اسڪالرشپس جاري ڪرڻ جي ??ظام کي شفاف بڻايون ته ??يئن شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالرشپ ملي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته ??هڙن مضمونن ۾ اسڪالرشپ ڏنيون وڃن جن سان ملڪي ترقي جو رستو متعين ٿئي. اسان کي مختلف شعبن ۾ ضرورتن ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي تعليم جو نظام جوڙڻو پوندو. و??ير??عظم چيو ته ڪجهه مضمون اهڙا آهن جيڪي موجوده وقت ۾ پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه مضمون اهڙا آهن جن کي پڙهائڻ جي ??اءِ ماڻهو ئي نه ٿا ملن. اسان کي مختلف شعبن جي ??اءِ پروفيشنلز جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??سڪالرشپس جاري ڪرڻ جي ??اءِ ماهرن جي ??يم هوندي جيڪا جائزو وٺندي ته هنن شعبن ۾ اسڪالرشپس جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??سان رحمت للعالمين اسڪالرشپ متعارف ڪرائي ته ??يئن نوجوان نسل ک?? ان انقلاب کان روشناس ڪرائي سگهجي جيڪو حضور نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ آندو هو. هن چيو ته ??يڪو به معاشرو ۽ رياست انهن اصولن کي اختيار ڪندو جن جي بنياد تي مديني جي رياست جوڙي وئي، اهو خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي ويندو. هن چيو ته ??سلام ۾ ڏاڍ نه آهي، اسا جو فرض آهي ته نوجوانن کي صحيح رستي بابت آگاهي فراهم ڪريون. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست جوڙڻ هو. نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏيڻ ۽ اسلامي تعليم کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ان طبقي کي مٿي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جن??ن ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت ۽ جستجو آهي. نمل يونيورسٽي ۾ غريب خاندانن جي ??ارن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ڇو ته ??نهن ۾ اڳتي وڌڻ جو لڳاءُ هو. هن چيو ته هن پورٽل قائم ڪرڻ سان اسڪالرشپس جي حوالي سان شاگردن جي ??شڪلاتن ۽ شڪايتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هاڻي ڪو به ٻار ان سبب جي ڪري پٺتي نه رهندو ته هو فيس ادا نه ٿو ڪري سگهي. جيڪو به شاگرد خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان کي سپورٽ ڪندي. ڪنهن به حڪومت ايتريون اسڪالرشپس ناهن ڏنيون جيتريون اسان جي حڪومت ڏنيون آهن. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن جي ??اءِ موجوده حڪومت 123 ارب رپيا رکيا آهن جيڪي ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. 42 ارب رپيا نئين اسڪيمن جي ??اءِ ڏنا ويا آهن ۽ 28 نيون يونيورسٽيون ٺاهيون ويون آهن. پي ايڇ ڊي جي ??اءِ 4 هزار ۽ اوورسيز جي ??اءِ اڍائي هزار اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن. احساس پروگرام جي ذريعي اسڪالرشپس جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته ??نگل نيشنل ڪريڪولم انقلابي قدم ثابت ٿيندو. وظيفا جاري ڪرڻ جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جو طريقيڪار جوڙڻ تمام بهترين قدم آهي. ان کان اڳ و??ير??عظم بٽڻ دٻائي سڄي ملڪ جي شاگردن جي ??اءِ اسڪالرشپ ڪمپلينٽ پورٽل جاري ڪيو.