لاهور – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، هندوتوا جي سوچ رک??دڙ پارٽي کي وزيراعظم عمران خان بي نقاب ڪيو، 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ مودي سرڪار موقعو فراهم ڪري ڇڏيو ته ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري سامهون آيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪشميري مائرن کي سلام آ??ي جن پنهنجا پٽ قربان ڪيا، پاڪستان او آءِ سي ۽ هر فورم تي ڪشميرين جا مسئلا اجاگر ڪندو، جيڪو ملڪ ڪشميرين تي ظلم تي آواز نه اٿاريندو تاريخ ان کي مودي سان گڏ تصور ڪندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر رهندڙن ۽ سفارتخانن کي رخ تعين ??ري اڳتي کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري سامهون آيو، عالمي ميڊيا سڄي دنيا ۾ ڀارتي هڪ طرفي قدم جي نشاندهي ڪئي، ڪشمير ۾ پيلٽ گنز جو استعمال ٿيو، بزرگن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو ويو، برهان واني جهڙن آزادي جي مجاهدين ??ي شهيد ڪيو ويو. ڪشمير ۾ ٿي??دڙ ظلمن دوران گڏيل قبرن جو انڪشاف ٿيو. ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪئي وئي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڏوهاري عمل آهي. ان سموري عمل سان مودي سرڪار جو ڪارو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو. هن چيو ته اسان جا احساس ڪشميرين سان گڏ آهن. اتي ٿي??دڙ ظلم جي تڪليف پاڪستان جي هر شهري کي محسوس ٿئي ٿي، ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني سدائين ??شمير مسئلو اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ڪردار ادا ڪن ٿا، اوورسيز جي ڪوششن کي ساراهڻ گهرجي.