اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته پي ٽي آءِ جي ا??ائونٽس ۾ سموري رقم قانون موجب آئي آه??، ائين ڪٿي ثابت ناهي ٿيو ته اسان ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني يا ملڪي مفاد جي خلاف هلندڙ ادار?? کان ڪي فنڊز ورتا هجن، اسان وٽ اندرون ملڪ مان جمع ٿيندڙ 83 ڪروڙ جو به رڪارڊ موجود آه??، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي چئلينج آه?? ته اها اندرون ملڪ پارٽي کي فنڊ ڏيندڙ 4 ماڻهن جو رڪارڊ پيش ڪري، شاهد خاقان عباسي قوم کي گمراهه ڪرڻ کان پاسو ڪري، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ايس ايس اي ۽ يو ڪي ۾ لميٽيڊ ڪمپني طور رجسٽرڊ آه??، فضل الرحمان به تگڙو ٿي وڃي ليبيا ۽ ٻين ملڪن مان ورتل فنڊنگ جو حساب ڏيڻو پوندو، اڪبر ايس بابر جي الزامن کي اسڪروٽني ڪميٽي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آه??، (ن) ليگ جي سڄي زندگي ڊيلن تي رهي، ڪي نائيٽ ۽ ڪي آفٽر نون ڊيل ڳولي رهيا آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪ??نف??نس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ ڌرين جي حوالي ڪئي، ان رپورٽ تي اهي ماڻهو ڳالهائي رهيا آه?? جن جي پنهنجي پارٽي ا??ائونٽس جي خبر نه آه??. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ا??ائونٽس ۾ 35 ڪروڙ جو ڪو رڪارڊ ئي نه آه??، پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا. (ن) ليگ 9 اڪائونٽس کي اليڪشن ڪميشن کان لڪايو، انهن جي ا??ائونٽس جي اندر 62 ڪروڙ جي رقم اچي ٿي، ان مان 45 ڪروڙ جي عطين جو رڪارڊ ئي نه آه??، جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته چون ٿا ته ميان صاحب کي هلندي هلندي ڪنهن 5 ڪروڙ ڏنا، گوجرانوالا جي هڪ شخص هڪ ڪروڙ ڏنا جيڪو الله کي پيارو ٿي ويو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ايڇ بي ايل سينٽرل، اي بي ايل سينٽرل، 5 صوبائي ا??ائونٽس لڪايا آه??، انهن اڪائونٽس جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ اڄ تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع نه ڪرائي، پي ٽي آءِ جي فارن فنڊز تي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ا??ائونٽس جو حساب ڏين، بينظير ڀٽو چيو ته اسامه بن لادن کان نواز شريف منهنجي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ پئسا ورتا. هن چيو ته اڪبر ايس بابر پي ايم ايل اين جي ايزي لوڊ تي آه??، (ن) ليگ جي انگريزي ڪمزور آه?? رپورٽ پڙهڻ کانسواءِ تبصرا ڪن ٿا، پاناما جي آءِ ٽي تي به مٺائ?? کائي ڇڏي بعد ۾ ڪجهه ٻيو نڪتو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته يو ايس اي جي اندر پي ايم ايل اين لميٽيڊ ڪمپني طور رجسٽرڊ آه?? جنهن جو رجسٽريشن نمبر 6521، پي ايم ايل اين يو ڪي ۾ لميٽيڊ ڪمپني آه?? جنهن جو رجسٽريشن نمبر 9781563 آه??، انهن جي لميٽيڊ ڪمپني بيضا، ٽوال ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري سگهي ٿي، پيپلزپارٽي به يو ڪي ۾ ڪمپني طور رجسٽرڊ آه??، مارڪ سهگل کي به لابنگ جي لاءِ رکيو ويو آه??، زرداري ڪمپني جو سربراهه آه??، (ن) ليگ وارن جي ڄاڻ ۾ اضافي جي لاءِ ٻڌائيندو هلان ته نائن اليون کانپوءِ آمريڪا قانون سخت ڪيو هو، جيڪڏهن 30 ڊالر کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻو آه?? ته اتي رجسٽرڊ ٿيڻو پوي ٿو، پاڪستان تحريڪ انصاف پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي آه??. هن چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي رپورٽ صفحي نمبر 78 ۾ اڪبر ايس بابر هڪ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن جي مٿان آڊٽ رپورٽ جو چيو ويو آه?? ان کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جي صفحي 81 جي آخري پيرا ۾ لکيل آه?? ته درخواستگذار تصديق ٿيل شيون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آه??، احسن ايس احسن رپورٽ به نه مڃي وئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 31 ڪروڙ جي جنهن رقم جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ان جي وضاحت آه?? ته ٻه ڀيرا انٽري ٿي آه??، پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڪائونٽس اهڙا آه?? جنهن ۾ ڪا ٽرانزيڪشن ناهي ٿي ۽ بيلنس به ٻُڙي آه??، پي ٽي آءِ 83 ڪروڙ اندرون ملڪ مان فنڊ جمع ڪيو، اسان وٽ ان جو به رڪارڊ آه??، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي چئلينج آه?? ته اهي اندرون ملڪ فنڊز ڏيندڙ چئن ماڻهن جو رڪارڊ نه ٿا ڏئي سگهن، عمران خان دلبير ليڊر، پي ٽي آءِ شفافيت تي يقين رکي ٿي، اسان پاناما وانگر نه چيو ته ججز اسان جي خلاف ٿي ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڀرپور دفاع ڪندي ۽ حقيقتون پيش ڪندي، پي ٽي آءِ جا سمورا فنڊز قانون موجب پاڪستان آيا آه??، اسان جي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي ٽاپ ٽين ريٽنگ آه??، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ميدان ۾ اچي ۽ اسڪروٽني ڪميٽي آڏو پنهنجي ا??ائونٽس جا تفصيل پيش ڪري ۽ ان کان فيصلو وٺي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آه?? ته (ن) ليگ ۽ پيپولزپارٽي جي ا??ائونٽس جون رپورٽون اسڪروٽني ڪميٽي مڪمل ڪري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري. هن چيو ته فضل الرحمان مڃي ورتو هن پاڻ، زرداري ۽ نواز شريف ڪرپشن ڪئي آه??، هاڻي فضل الرحمان به هوشيار ٿي وڃي ليبيا مان جيڪا فنڊنگ ورتي آه?? ان جو به جواب ڏيڻو پوندو.