اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي پاڪستان طرفان عوام کي انساني بني??دن تي نهايت ضروري مدد جي فراهمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ ??من گهربل آهي. ??من ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اعليٰ سطحي وزارتي اجلاس کي خطا?? ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مسئلا ڏکيا آهن، افغانستان و??جه?? هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انساني بني??دن تي امداد جي اشد ضرورت آهي. ه?? چيو ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪتداري جي ضرورت آهي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل آهي. افغان آبادي جي انساني بني??دن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغان عوام تائين رسائي کي يقيني بڻائجي. پرڏيهي وزير چيوته افغانستان جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏيندي اسان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن جن جي لاءِ گذريل سالن ۾ عالمي امداد م گهٽتائي آئي آهي. عالمي ذميواري جي اصول ۽ وزن کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن خاص طور تي ڪورونا جي موجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. ه?? چيو پاڪستان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انساني بني??دن تي ڪوششن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مدد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ادارن جي عملي جي نيڪالي، ۽ ٻئي هنڌ منتقلي کان علاوه فضائي ۽ زميني رستن سان خوراڪ ۽ امداد جي فراهمي لاءِ انساني بني??دن تي راهداري جو قيام شامل آهي. اسان هوائي جهازن ذريعي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائن جي انساني بني??دن تي فراهمي جو سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا آهيون. هي سلسلو زميني رستن زريعي جاري رهندو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجرين جي ميزباني جاري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم افغانستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي آهي. ه?? چيو ته اسان گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ افغان عوام کي انساني بني??دن تي امداد جي فراهمي ۾ مدد جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسمن جي معاونت سامل آهي اسان اچ وڃ ۽ پاڪستان کان رستي جي فراهمي ذريعي گڏيل قومن جي انساني بني??دن تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.