باڪو – 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته آذربائيجان ۽ پاڪستان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي گڏيل لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي صدر ??له??م عليوو سان باڪ?? ۾ ??دارتي محل ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڳ??له??ئيندي ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ پاڪستان جي پارليامين وفد ??ا ميمبر به موجود هئا، اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان توانائي، واپار ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن ڪشمير مسئلي تي آذربائيجان جي اڻٽر ح??اي?? آذربائيجان جي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ کيس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر ۽ عوام کي آرمينيا سان ٿيندڙ جنگ ۾ فتح تي مبارڪباد ڏني، هن ٻطرفي واپاري ما??ي ۾ اضافي لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپار واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني. هن آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ به دعوت ڏني. آذربائيجان جي صدر ??له??م عليوو چيو ته آذربائيجان ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي ۽ سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان جي موقف جي ح??اي?? جاري رکندو.