ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪستان بيت المال جي اهميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻه?? ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي لاءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته آبادي جو وڏو حصو بيت المال جي ??دم??ن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳالهه هن مينيج??گ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال ملڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ ڊاڪٽر عدنان مجيد ۽ ٻيا به شامل هئ??. ص??ر چيو ته عام طور تي اهو تاثر ڏٺو ويندو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي علاج لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.