اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڊسڪا فائرنگ واقعي ۾ ڪارڪنن جي قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسو?? جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته اهو واقعو ثبوت آهي ته (ن) ليگ ڌوئونس، ڌانڌلي، تشدد ۽ غنده گردي جي سياست تي يقين رکي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه ليگي جٿن پولنگ اسٽيشنن کي يرغمال بڻائي ووٽ جي عزت کي پائمال ڪيو. هن چيو ??ه پاڪستان تحريڪ انصاف چون??ن ۾ شفافيت جڏهن ته مخالف ڌر خ??يد ۽ وڪري ۽ پئسي جي سياست جو تسلسل چاهي ٿي.