اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو ف??رن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪر??يا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پارٽي فنڊنگ جي ??الي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته ف??رن فنڊنگ ڪيس جي ??ڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيصلو ٿئي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نجي ??ي وي چئنل جي ??روگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته ف??رن فنڊنگ ڪيس جي ??ڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي ??وزيشن واضح آهي، تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آهي، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ ميمبرن کان چندو وٺي پارٽي معاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پئسا ورتا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ لاءِ فنڊنگ ڪندي آهي ۽ اق??دار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.