اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ادارن جي خلاف هڪ ڀيرو ٻ??هر غلط ڳالهي??ن ڪيون، پي ڊي ايم سرحدن جي محافظ ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي ره?? آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پي ڊي ايم بيانيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نواز شريف کي بدعنواني تي عدالتن ڏوهاري قرار ڏنو آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لاءِ ڪنهن کي جمهوريت جي آڙ وٺڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جي پاڻ کي رڳو احتساب کان بچائڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا آهي، عمران خان جي سياست جو مقصد ڪرپٽ عنصرن کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ آهي، پيپلزپارٽي ق??ادت جي ناقص پاليسين ان کي علائقائي پارٽي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ کي معاشي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمران خان پوري ق??م جي ترجماني ڪري ره??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.