اسلام ??باد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي ڏاڍ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ خ??دمختياري جي حق جي حمايت ڪري ٿو، عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اخلاقي، قانوني، سياسي ۽ سفارتي اٿارٽي کي استعمال ۾ آڻيندي ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ۾ سڄي دنيا ۾ يو اين امن مشن?? ۾ ??نهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چئي. هن چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، 75 سال اڳ باني ميمبر ملڪن گ??جي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام ??وڙيو.