اسلام آب??د ?? 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي پشاور موڙ ۾ قائم پناهه گاهه جو درو ڪيو. وزيراعظم جي خاص مددگار ثانيه نشتر، سينيٽر فيصل جاويد، ۽ پاڪستان بيت ال??ال جو ايم ڊي عون عباس به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم ??ناهه گاهه جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ پناهگاه جي انتظامن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس وزيراعظم کي پناهگاهن جي انتظامن ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، وزيراعظم ??ناهگاهن جي انتظامن کي ساراهيو ۽ چيو ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي عزت نفس جو احترام يقيني بڻاي?? وڃي ۽ کين معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.